ساھي پڊ 2

ساھي پڊ 2 (ماڳ): هي ماڳ 69005'10" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 27030'19" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي ڳوٺ ساھي پڊ، تعلقي روھڙي، ضلعي سکر ۾ گھاري نديءَ جي پراڻي پيٽ ۾ وارياسي پڊ تي آھي. ھي ماڳ 163 ميٽر اتر ڏکڻ ۽ 86 ميٽر اوڀر اولهه، ڳوٺ ساھي پڊ جي اتر اولھه ۾ 300 ميٽرن تي آھي. هتان مليل وٿن مان ٽامي جو سڪو، ٺڪر جي ڪپي، پٿر جي ڪورون، ٺڪر جا مٺيا ۽ ٿانو شامل آهن. ٺڪراٺي ۾ ڪنا جيڪي کرچيل ۽ روغني آھن. ڪنڀر جي نشانين سان ٿانون جا ٽڪرا، مٺيا، گول پيالا جيڪي سادا به آھن ته چٽيل به. بونبين سان ڍڪڻ ۽ ٿانون جا ترا. ٺڪراٺو تمام سٺو پڪو آھي، جنھن تي ڳاڙهي تي ڪاري رنگ جا نقش آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو